عالمي وبا ڪورونا ۾ مبتلا اداڪاره ايشوريا راءِ ۽ سندس ڌيءَ اسپتال منتقل

نئين دهلي: عالمي وبا ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ڀارتي اداڪاره ايشوريا راءِ بچن ۽ سندس ڌيءَ آراڌيا بچن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب ڪجهه ڏينهن اڳ اداڪاره ايشوريا بچن ۽ سندس ڌيءَ جي ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ رپورٽ مثبت آئي هئي جنهن کانپوءِ ٻئي گهر ۾ ئي قرنطينه هيون.

هاڻي ڪورونا وائرس جون علامتون ظاهر ٿيڻ بعد اداڪاره ايشوريا راءِ بچن ۽ سندس ڌيءَ آراڌيا کي ممبئي جي ناناوتي اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته ايشوريا جي مڙس اڀيشڪ بچن ۽ سهرو اميتاڀ بچن اڳ ئي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هئڻ سبب ممبئي جي ناناوتي اسپتال ۾ داخل آهن.

اميتاڀ بچن جي زال جيا بچن جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ منفي آئي هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔