وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پبلڪ سيفٽي اينڊ پوليس ڪمپلينٽس ڪميشن جو اجلاس

ڪراچي : سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پبلڪ سيفٽي اينڊ پوليس ڪمپلينٽس ڪميشن جو اجلاس ٿيو،اجلاس ۾ پوليس ڪاررواين ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين، پوليس جي سازو سامان ۽ تربيت وارن معاملن جو جائزو ورتو ويو، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر وڏي وزير کي آگاهي ڏيندي چيو ته پوليس جي 80 سيڪڙو گاڏين ۾ ٽريڪر لڳي ويا آهن، ڪرونا کي منهن ڏيڻ لاءِ اهلڪارن جي مختلف اين جي اوز ۽ ڊاڪٽرز کان تربيت به ڪرائي وئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پبلڪ سيفٽي اينڊ پوليس ڪمپلينٽس ڪميشن جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اجلاس ۾ پوليس ڪاررواين ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين، پوليس جي سازو سامان ۽ تربيت وارن معاملن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران آءِ جي سنڌ مشتاق مهر وڏي وزير کي آگاهي ڏيندي چيو ته پوليس جي 80 سيڪڙو گاڏين ۾ ٽريڪر ڳي ويا آهن، ڪرونا کي منهن ڏيڻ لاءِ اهلڪارن جي مختلف اين جي اوز ۽ ڊاڪٽرز کان تربيت به ڪرائي وئي آهي ۽ ايس او پيز بابت آگاهي پڻ ڏني وئي آهي. اجلاس کي اها به آگاهي ڏني وئي ته پبلڪ سيفٽي ڪميشن جو قانون جاچ پڙتال واري مرحلي ۾ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔