لڳي ٿو پنجاب بچايو تحريڪ شروع ڪرڻي پوندي: احسن اقبال

لاهور:اڳوڻي گهرو وزير ۽ ن ليگ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال چيو آهي ته لڳي ٿو پنجاب بچايو تحريڪ شروع ڪرڻي پوندي،پنجاب کان انتقام ورتو پيو وڃي،ن ليگ قومي پارٽي آهي، وفاق تي يقين رکي ٿي،اسان جا ٺاهيل ادارا هڪ هڪ ڪري تباهه ڪيا پيا وڃن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته صحت واري شعبي تي ڌيان ڏيڻو پوندو،ڊاڪٽرز وٽان مليل ڄاڻ ڳڻتي ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڪرونا سان ويڙهه دوران ڊاڪٽرز پنهنجون حياتيون خطري ۾ وڌيون، هاڻ حڪومت ڊاڪٽرز جا مسئلا حل ڪرڻ کان ڪن لاٽار ڪري رهي آهي. ن ليگ اڳواڻ چيو ته پي ايم ڊي سي بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نه ڪيو ويو. هن چيو ته پي ايم ڊي سي جي تباهي سان اڄ صحت جو نظام بدترين بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي،موجودهه حڪمرانن جي ٻن سالن دوران ٻه ڪروڙ عوام وڌيڪ غريب جو شڪار ٿي ويوآهي. احسن اقبال چيو ته ڇهه هزار پوسٽ گريجوئيٽ ڊاڪٽرز کي حڪومت تسليم نه ڪري رهي آهي،انهن پروفيسرز جي نگراني ۾ ٽريننگ ورتي آهي. هن مطالبو ڪيو ته پرڏيهه کان ڊگري وٺي ايندڙ 10 کان 12 هزار ڊاڪٽرز کي لائيسنس جاري ڪيا وڃن…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔