پرڏيهه ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي ڏيهه آڻي پنهنجو واعدو پورو ڪيو: وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي سطح تي فضائي سفر ۾ مشڪلاتن باوجود پرڏيهه ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي ڏيهه آڻي پنهنجو واعدو پورو ڪيو. سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي وزير اعظم چيو ته ڪرونا جي وبا ڦهلجڻ کانپوءِ سموري دنيا مان اڍائي لک پاڪستانين کي ڏيهه آندو ويو. وزير اعظم چيو ته منهنجي حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين جي هر ممڪن مدد جاري رکندي. واضح رهي ته ڪرونا وائرس کانپوءِ مختلف ملڪن جي وچ ۾ مواصلاتي رابطا معطل ٿيڻ کانپوءِ ڪيترائي پاڪستاني دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦاسي پيا. ان بحران دوران ڦاٿل پاڪستانين حڪومت کي اپيل ڪئي ته خاص اڏامن جي ذريعي کين ريسڪيو ڪري ڏيهه آندو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔