وفاقي حڪومت پي ٽي وي لائسنس فيس ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: وفاقي حڪومت پاڪستان ٽيليويزن(پي ٽي وي)  جي فيس ۾ 65 روپين جي واڌ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

ذريعن موجب بجلي جي بلن ۾ پي ٽي وي جي فيس 35 روپين مان وڌائي100 روپيه ڪري ڇڏي آهي. حڪومت وفاقي ڪابينه مان بذريعه سرڪيوليشن پي ٽي وي فيس وڌائڻ جي منظوري ڏني آهي. حڪومت صارفين کان پي ٽي وي جي فيس بجلي جي بلن ۾ وصول ڪندي آهي ۽ ان فيصلي سان صارفين تي ساليانو 21 ارب روپين جو اضافي وزن پوندو.

پي ٽي وي بجلي بلن ۾ ڪٽوتي مان ساليانو ساڍا 5 ارب روپيه ملڻ جي باوجود خساري جو شڪار آهي. پي ٽي وي جي بورڊ آف ڊائريڪٽر اربين روپين جي خساري جو بوجهه عوام تي وجهڻ جي لاءِ لائسنس جي فيس وڌائڻ جي تجويز ڏني هئي جيڪا منظور ڪئي وئي آهي.

پي ٽي وي صارفين جي بجلي جي بلن ۾ شامل ٽي وي لائسنس جي فيس ۾ واڌ ڪري پنهنجي آمدني مان واڌ ڪرڻ جي تجويز جو هي جواز ڏنو آهي ته سڄي دنيا ۾ سرڪاري نشرياتي ادارن کي حڪومتون ٽي وي لائسنس فيس جي ذريعي مدد ڪنديون آهن ته  جيئن  تعليمي ۽   ڄاڻ واري مواد کي وڌائي سگهجي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔