هارن وڄايو، حڪمران جاڳايو تحريڪ جي شروعات ٿي وئي

اسلام آباد: :  سڄي ملڪ جي واپارين هارن وڄايو، حڪمران جاڳايو تحريڪ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب سڄي ملڪ جي واپارين هارن وڄايو حڪمران جاڳايو تحريڪ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. اڄ سمورا قافلا زيرو پوسئنٽ اسلام آباد مان هارن وڄائيندي وزيراعظم هائوس ڏانهن ويندا ۽ اتي پهچي چارٽرڊ آف ڊيمانڊ جمع ڪرائيندا. واپارين جو چوڻ آهي ته حڪومت لاڪ ڊائون جو وقت وڌائي جڏهن ته هوٽلون، مارڪيٽون ۽ شادي هالن کي به ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي.

ان حوالي سان پاڪستان انجمن تاجران جي صدر اجمل بلوچ جو چوڻ آهي ته اڄ شام 4 وڳي سڄي ملڪ جا واپاري وزيراعظم هائوس جي سامهون هارن وڄائي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا. بلوچستان، سنڌ، خيبرپختونخواهه، پنجاب، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت سڄي ملڪ جا واپاري ٻنپهرن جو 3 وڳي زيرو پوائنٽ اسلام آباد تي گڏ ٿيندا.

اجمل بلوچ چيو آهي ته احتجاج جو مقصد صرف ۽ صرف واپارين کي بچائڻ آهي. هن چيو ته  گذريل 4 مهينن کان لاڪ ڊائون جي نالي تي صوبن ۽ وفاق ۾ جهيڙو هلندڙ آهي جڏهن ته هنن جي جهيڙي ۾ واپارين جو مذاق اڏايو پيو وڃي. حڪومت واپارين جي ڪاروبار کي قائم رکڻ جي لاءِ فوري طور تي ريليف ڏي ٻئي صورت ۾ وڏي  انگ ۾ ماڻهو بيروزگار ٿي ويندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔