گهريلو حالتن کان تنگ زال مڙس ٽن ڌيئرن سميت واهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو

ننڪانه صاحب: منڊي فيض آباد جي ويجهو گهريلو حالتن کان تنگ ٿي زال مڙس 3 ڌيئرن سميت ڪيوبي لنڪ واهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو.

رپورٽ موجب مانگنا نواله جو رهواسي 35 ساله فياض احمد پنهنجي زال نيلم ۽ ٽن ٻارڙن انعم،  رابعه ۽ مسڪان سان گڏ شرقپور دربار تان واپس ايندي قادر آباد لنڪ واهه جي پل نمبر 2 تان پهريان فياض ٽپو ڏنو ان کان پوءِ ان جي زال نيلم ٽن ٻارڙين سميت ٽپو ڏئي ڇڏيو.

ريسڪيو اختيارين موجب واقعي جي اطلاع ملڻ تي ريسڪيو اهلڪار موقعي تي پهچي ويا ۽ سمورن ماڻهن جي ڳولا شروع ڪر ي ڏني آهي.

جڏهن ته ريسڪيو آپريشن دوران اڃان تائين ڪنهن به ٻڏندڙ جي لاش ناهي ملي سگهي.  پوليس واقعي جي رپورٽ منڊي فيض آباد ۾ داخل ڪري ورتي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔