سنڌ ۾ ٻن ڏينهن دوران وڌيڪ 171 پوليس اهلڪار ڪورونا جو شڪار

ڪراچي: سنڌ ۾ ڪورونا تي ڪنٽرول نه آيو، ٻن ڏينهن دوران وڌيڪ 171 پوليس اهلڪار ڪورونا جو شڪار، سنڌ پوليس جي ترجمان پڌرائي جاري ڪندي چيو آهي ته وڌيڪ 16 پوليس اهلڪار ڪورونا وگهي حياتي وڃائي ويٺا، جِن مان 14 اهلڪارن جو واسطو ڪراچي ۽ ٻن جو واسطو حيدرآباد سان آهي، ڪنڌڪوٽ ۾ ڪورونا جا 45 ڪيس ظاهر، قمبر ۾ ڪورونا جا 19 نوان ڪيس ظاهر، متاثرن ۾ دڪاندار، ليڊي هيلٿ ورڪر، ڊسپينسر ۽وئڪسينيٽر شامل، ڏاهلي ۾ ڪورونا جا 29 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد تعلقي ۾ متاثرن جو انگ وڌي 172 ٿي ويو، ميرپور خاص ۾ وڌيڪ 28 ڄڻا وائرس جو شڪار، سکر ۾ وائرس جا وڌيڪ 3 نوان ڪيس ظاهر، سيوهڻ ۽ پنو عاقل ۾ 8-8 نوان ڪيس ظاهر، جوهي ۾ وڌيڪ 25 ڄڻا ڪورونا جو شڪار ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔