25 منٽن ۾ ڪورونا جي ٽيسٽ ۽ نتيجو ڏيندڙ ڪٽ تيار

جاپان جي نالي واري ٽيڪنالاجي ڪمپني رڳو 25 منٽن ۾ ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ ڪرڻ ۽ ان جو نتيجو فراهم ڪندڙ ٽيڪنالاجي ڪٽ تيار ڪري ورتي. ان ٽيڪنالاجي کي فوري طور پاڪستان منتقل ڪرڻ جي لاءِ پاڪ جاپان بزنس ڪونسل جاپاني ڪمپني سان هڪ معاهدي تي صحيح ڪئي آهي جنهن جي تحت 10 هزار ٽيسٽنگ ڪٽ شروعاتي طور پاڪستان منتقل ڪيون وينديون. پاڪ جاپان بزنس ڪونسل جي صدر راڻا عابد حسين ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هن وقت تائين ڪورونا ٽيسٽ جي نتيجن لاءِ 24 کان 72 ڪلاڪ تائين انتظار ڪيو ويندو آهي پر نئين ٽيڪنالاجي جي ذريعي هاڻ 25 منٽ ۾ ڪورونا وائرس جو نتيجو حاصل ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته ان جي ٽيسٽ ڪرڻ به انتهائي آسان ٿي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔