اميتاب بچن, اڀيشيڪ بچن به ڪورونا وائرس جو شڪار

ممبئي: بالي ووڊ جي بادشاهه اميتاب بچن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿيڻ کان پوءِ ان جي پٽ ۽ اداڪاره ابهيشيڪ بچن به ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي.اميتاب بچن گذريل ڏينهن پنهنجي آفيشل ٽوئٽر اڪائونٽ تان ٽوئٽ شيئر ڪندي ٻڌايو هو ته مان موذي وائرس جو شڪار ٿي ويو آهيان. جنهن کان پوءِ هاڻ سندس پٽ ابهيشيڪ بچن به ٽوئٽ جي ذريعي ئي وائرس ۾ مبتلا هجڻ جي تصديق ڪئي آهي.ابهيشيڪ بچن پنهنجي ٽوئٽ ۾ لکيو آهي ته پيءُ ۽ منهنجو ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيو آهي اسان ٻنهي کي هلڪيون نشانيون ظاهر ٿيون آهن جنهن کان پوءِ اسان اسپتال ۾ داخل ٿي چڪا آهيون.اداڪار ٻڌايو ته سمورين لاڳاپيل اختيارين کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته گهر ڀاتين ۽ اسٽاف جو ٽيسٽ به ڪيو پيو وڃي گذارش آهي ته پريشان نه ٿيو سڪون سان رهو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔