اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان سمورين بينڪن جو وقت تبديل ڪري ڇڏيو

ڪراچي: اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان سمورين بينڪن جو ڪورونا وائرس جي عالمي وبا کان پهرين وارو وقت بحال ڪري ڇڏيو. مرڪزي بينڪ طرفان جاري سرڪلر ۾ چيو ويو آهي ته 13 جولاءِ کان سموريون بينڪ نئين وقت تي عملدرآمد جون پابند هونديون. اسٽيٽ بينڪ موجب سموريون بينڪون سومر کان خميس تائين صبح 9 وڳي کان شام 5:30 تائين کليل رهنديون ۽ انهن ڏينهن ۾ منجهد 1:30 کان 2 وڳي تائين ماني ۽ نماز جو وقفو هوندو جڏهن ته جمعي تي به سموريون بينڪون صبح 9 وڳي کان شام 5:30 تائين کليل رهنديون پر جمعي نماز تي ماني جو وقفو منجند هڪ وڳي کان 2:30 وڳي تائين هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔