رياست ۽ ادارا هڪ پيج تي ناهن، ملڪ ٻيهر شفاف چونڊون ڪرايون وڃن: مولانا فضل الرحمان

ڪراچي :جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪومت جي ڪا به پاليسي نظر نه ٿي اچي، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بجيٽ جو ڪاٿو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي. اَي پي سي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته برآمدات ختم ٿي چڪي آهي، ملڪي مسئلا وڌيڪ گنجرندا پيا وڃن، ڪو حل طرف نه پيو وڃي، موجودا حڪومت تبدلي نه پر تباهي آندي آهي، حڪمران ملڪ کي وڌيڪ ڪيترو تباهه ڪرڻ چاهين ٿا. مولانا فضل الرحمان چيو ته رياست جي بقا جو دارو مدار معاشي خوشحالي تي آهي، ملڪي معاشي صورتحال فڪر جوڳي آهي، سياسي پارٽيون رياست جي بقا جي جنگ وڙهن پيون. سندس چوڻ هو ته ملڪ ڪووِڊ 19 نه پر ڪووِڊ 18 جو شڪار آهي، حڪومت طرفان 5 سالن جو مدو پورو ڪرڻ وارِي دُعا نه پر، بَد دعا آهي، مائنس وَن نه پر مائنس آل جِي ڳالهه ڪئي وڃي. جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته رياست ۽ ادارا هڪ پيج تي ناهن، جنهن ڪري سندن مطالبو آهي ته هڪ ڀيرو ملڪ ۾ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، جن ۾ ادارا مداخلت نه ڪن، صاف ۽ شفاف چونڊون قوم جو حق آهي، هاڻ هو مرڪزي سطح تي اي پي سي ڪوٺائڻ طرف وڌن پيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔