دنيا ۾ ڪورونا جا هاڃا جاري ، هڪ ڏينهن ۾ 2 لک 13 هزار نوان ڪيس رپورٽ

ڪراچي : دنيا ۾ ڪورونا جا هاڃا جاري آهن، هڪ ڏينهن دوران 2 لک 13 هزار نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد مريضن جو انگ هڪ ڪروڙ 23 لک 70 هزار تائين پهچي چڪو آهي. هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 5 هزار 165 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا. برازيل ۾ هڪ هزار 129 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته 39 هزار 583 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. آمريڪا ۾ 819 فوتگيون ۽ 56 هزار نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد ڪورونا سبب متاثر آمريڪي شهرين جو انگ 32 لک 14 هزار 4 سئو ٿي ويو آهي. ميڪسيڪو ۾ 782 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا جڏهن ته 6 هزار 995 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ 2 لک 75 هزار کان وڌي ويو آهي. ڀارت ۾ به ڏينهون ڏينهن ڪورونا وگهي فوتين جي انگ ۾ واڌ ٿيڻ لڳي آهي، هڪ ڏينهن دوران 479 ڀارتي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 25 هزار 8 سئو کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. ايران ۾ 221، پيرو ۾ 181، ڏکڻ آفريڪا ۾ 118،عراق ۾ 103، برطانيه ۾ 85، سعودي عرب ۽ بنگلاديش ۾ 41، 41 ڄڻا فوت ٿي ويا. عالمي وبا سبب هيل تائين حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 5 لک 56 هزار 370 ٿي ويو، جڏهن ته 71 لک 80 هزار 9 سئو کان وڌيڪ مريض ڪورونا کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔