لاڪ ڊائون دوران ٿيٽرز بند ٿيڻ کان پوءِ اداڪاره ماهه نور پريشان رهڻ لڳي

لاهور: اداڪاره ماهه نور ڪورونا وائرس سبب ڪيل لاڪ ڊائون دوران ٿيٽرز جي بنڊ ٿيڻ سبب پريشان رهڻ لڳي. هن فنڪارن جي گهرن ۾ فاقن جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا آهن.ميڊيا رپورٽ موجب اداڪاره جو چوڻ آهي ته لاڳيتو بندش سبب ٿيٽر انڊسٽري سخت متاثر ٿي آهي. حالتون جيڪڏهن لاڳيتو اهڙيون رهيون ته فنڪارن جي گهرن ۾ فاقا شروع ٿي ويندا.ماهه نور حڪومت کي اپيل ڪئي آهي ته ذهني اذيت ۾ مبتلا فنڪارن جي ڏک جو تدارڪ ڪيو وڃي ۽ ايس او پيز تحت ٿيٽرز کولڻ جي اجازت ڏني وڃي. ماهه نور وڌيڪ چيو ته مون کي اسٽيج تي اداڪاري ڪرڻ سبب تمام گهڻي عزت ملي ۽ اتان کان سکيل ڪم جي بدولت ئي منهنجي فلمن ۾ انٽري ٿي.واضح رهي ته ڪورونا لاڪ ڊائون سبب ٻين انڊسٽريز جيان شوبز انڊسٽري به سخت دٻاءُ جو شڪار آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔