مراد سعيد جي تقرير دوران قومي اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جو احتجاج ۽ گوڙ، پ پ ميمبرزپاران ايوان مان واڪ آئوٽ

اسلام آباد:وفاقي وزير مراد سعيد، عذير بلوچ جو اعترافي بيان قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيو، مراد سعيد جي تقرير دوران پيپلز پارٽي جو احتجاج ۽ گوڙ، پ پ ميمبرز ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا، پ پ ايم اين اي شازيه صوبيه سومرو وفاقي وزير مراد سعيد کي هيڊ فون اُڇلي هنيو، مراد سعيد چيو آهي ته سنڌ حڪومت ۽ علي زيدي جِي جي آءِ ٽيز ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته عذير بلوچ جا سهولتڪار اقتدار ۾ ويٺا هئا، راجا پرويز اشرف چيو آهي ته تحريڪ انصاف جا وزير ڄاڻي واڻي وزيراعظم کي بدنام ڪري رهيا آهن، قومي اسيمبلي کي قيادتن تي الزام لڳائڻ، هڪ ٻئي کي گاريون ڏيڻ يا چماٽون هڻڻ لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي، ڪجهه ماڻهو پنهنجي وزيراعظم جي بي عزتي ڪرائڻ گهرن ٿا، هاڻي اهو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔