واپاري قتل ڪيس: لياري گينگ وار جي اهم جوابدار عذير بلوچ تي فرد جرم لاڳو

ڪراچي:ڪراچي جي عدالت واپاري قتل ڪيس ۾ لياري گينگ وار جي مُک جوابدار عذير بلوچ تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

جوابدار عذير بلوچ  ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ واپاري جي اغوا ۽ قتل  واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عذير بلوچ کي هٿڪڙيون هڻي چهرو ڍڪي سخت سيڪيورٽي ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت جي ڪمري ۾ فاضل جج فردجرم پڙهي ٻڌائي ۽ چيو اوهان تي عبدالصمد جي اغوا براءِ تاوان ۽ قتل جو الزام آهي.

10 لک روپيه تاوان طلب ڪيو ويو ۽  70 هزار روپيه وٺڻ جي باوجود مغوي کي قتل ڪيو ويو اوهان پنهنجو ڏوهه قبول ڪريو ٿا.؟ ڪٽهري ۾ موجود عذير بلوچ ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. عدالت جاچ آفيسر ۽ گواهن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

ايندڙ ٻڌڻي تي گواهن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.  جوابدار جي پيشي جي موقعي تي سينٽرل جيل ۾ قائم دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ رينجرز جي وڏي نفري مقرر هئي. ڪيس ۾ عذير بلوچ جو ڀاءُ زبير بلوچ ۽ ٻيا گرفتار آهن جن تي اڳ ئي فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔