علي زيدي پاران سُپريم ڪورٽ کان جي آءِ ٽيز معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

اسلام آباد: وفاقي وزير علي زيدي سُپريم ڪورٽ کان جي آءِ ٽيز معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، وفاقي وزير علي زيدي مطالبو ڪيو آهي ته سُپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس جي آءِ ٽيز جي آفيسرز کي به طلب ڪري، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي علي زيدي جو چوڻ هو ته ذوالفقار مرزا کانپوءِ شرجيل ميمڻ ۽ اويس ٽپي عذير بلوچ کان ڪم ورتا، سنڌ حڪومت عذير بلوچ جي آءِ ٽي مان 6 نالا غائب ڪري ڇڏيا، سنڌ سرڪار اصل جي آءِ ٽي رپورٽ لڪائي ڇڏي آهي، سنڌ حڪومت جيڪا جي آءِ ٽي پبلڪ ڪئي، اها ٻي آهي، علي زيدي جو چوڻ هو ته اسان وٽ جيڪا رپورٽ آهي، ان ۾ وڏا انڪشاف آهن، مون وٽ موجود رپورٽ جي هر صفحي تي عذير بلوچ جي صحي ٿيل آهي، عذير بلوچ ذوالفقار مرزا ۽ فريال ٽالپر جو به ذڪر ڪيو، ذوالفقار علي مرزا کانپوءِ شرجيل ميمڻ ۽ اويس ٽپي عذير بلوچ کان ڪم ورتا، سپريم ڪورٽ معاملي جو نوٽيس وٺي، اصل جي آءِ ٽي ۾ جن جا به نالا آهن، ظاهر ڪيا وڃن، علي زيدي جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائينداسين، حلفي بيان جي پيج نمبر 7 ۾ عذير بلوچ اهم انڪشاف ڪيا آهن، سينيٽر يوسف بلوچ جي چوڻ تي هو قائم علي شاهه ۽ فريال سان مليو، عذير بلوچ پنهنجي خلاف سر جي قيمت ختم ڪرائڻ جو چيو، فريال ۽ آصف زرداري جي چوڻ تي سر جي قيمت وارو فيصلو ختم ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔