توشاخانه ريفرنس ۾نواز شريف جي طلبي جو اشتهار ۽آصف زرداري جي گرفتاري جا وارنٽ جاري

اسلام آباد : اسلام آباد جي احتساب عدالت طرفان توشاخانه ريفرنس ۾نواز شريف جي طلبي جو اشتهار جاري ڪيو ويو آهي، نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، عدالت طرفان جوابدار کي پيش ٿيڻ لاءِ 17 آگست تائين آخري موقعو ڏنو ويو آهي، نيب پراسيڪيوٽر جو چوڻ آهي ته نواز شريف ڄاڻي واڻي عدالتي ڪارروائي کان مفرور بڻيل آهي، عدالت نواز شريف جو طلبي وارو اشتهار جاري ڪري ڇڏيو آهي،جيڪو هر هنڌ لڳايو پيو وڃي جڏهن ته اسلام آباد جي احتساب عدالت طرفان آصف زرداري جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ويا ۽ چيو ويو آهي ته هوپنهنجي ضامن سان پيش نه ٿو ٿئي ته ان کي گرفتار ڪري آندو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔