ڀارت ۾ ڦاٿل ٻياسي پاڪستانين جي واپسي جون تياريون مڪمل

لاهور: ڀارتي حڪومت 82 پاڪستاني شهرين کي 9 جولاءِ تي واپسي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. سفارتي اختيارين موجب ڀارتي گهرو وزارت نئين دهلي ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي درخواست تي ڀارت ۾ رهندڙ پاڪستانين کي واپسي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

جاري ڪيل خط موجب ڀارتي رياستن نئين دهلي، مهاراشٽر، گجرات، مدهيه پرديش، هريانه سميت ٻين شهرن مان 82 پاڪستاني شهري 9 جون تي صبح جو ڀارت جي اٽاري بارڊر تي پهچي ويندا. پاڪستاني شهرين جي واپسي جي لاءِ واهگا اٽاري سرحد خاص طور تي کولي ويندي. پاڪستاني سفارتخاني طرفان پنهنجي شهرين جي لسٽ ڀارتي گهرو وزارت ڏانهن اماڻي وئي آهي.

ڀارت مان واپس ايندڙ پاڪستاني شهرين جي واپس پهچڻ تي ڪورونا جي ٽيست ٿيندي ۽ انهن کي ڪورنٽائن ۾ رکيو ويندو. ممبئي ۾ رهندڙ ڪراچي سان تعلق رکندڙ پاڪستاني شهري تصديق ڪندي ٻڌايو ته اسان کي اختيارين طرفان واپسي جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي.

هن چيو ته ان ماڻهن کي 27 مئي تي واپس اچڻو هو پر انهن جي واپسي جي اطلاع هڪ ڏينهن اڳ ۾ ملي. ان وقت واپسي جي باري ۾ پوليس رپورٽ ڪرائي جنهن کان پوءِ ممبئي کان واهگا بارڊر تائين پهچڻ جو وقت نه هو ان سبب ڪيترائي پاڪستاني واپس نه اچي سگهيا. پر خدا جو شڪر آهي ته هاڻ تقريبن چئن مهينن کان پوءِ اسان جي واپسي ٿي رهي آهي.

ڀارت ۾ ڦاٿل پاڪستانين ۾ گهڻن جو تعلق سنڌ جي مختلف شهرن سان آهي ۽ ان مان هندو برادري جا ماڻهو وڌيڪ آهن جيڪي مذهبي رسمن جي ادائيگي جي لاءِ ڀارت ويا هئا پر ڪورونا لاڪ ڊائون سبب انهن جي واپسي نه ٿي سگهي هئي. ٻئي طرف پاڪستان ۾ رهندڙ 114 ڀارتي شهري 14 جولاءِ تي واهگا بارڊر جي رستي واپس ويندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔