نٿو سمجهان ته پي ٽي آءِ ۾ ڪو به شخص عمران خان جي جاءِ وٺي سگهي ٿو: شاهد خاقان

اسلام آباد : اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته مان نٿو سمجهان ته تحريڪ انصاف ۾ ڪو به شخص عمران خان جي جاءِ وٺي سگهي ٿو،هن حڪومت جو هر پل ملڪ لاءِ ڳرو ثابت ٿي رهيو آهي، بي اعتمادي جي رٿ کانسواءِ ڪوبه رستو ناهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو ته مائنس ون فارمولا منهنجي نظر ۾ نا ممڪن آهي،حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، ان جو ڪوبه مستقبل نظر نٿو اچي. هڪ سوال جي جواب ۾ اڳوڻي وزير اعظم چيو ته مان ته چاهيان ٿو ته حڪومت 5 سال مڪمل ڪري. شاهد خاقان عباسي چيو ته عمران خان کي مشورو ڏيان ٿو ته گورننس جي بهتري لاءِ پنهنجي زبان بند رکي. هن چيو ته وزير اعظم کي سوچي سمجهي ڳالهائڻ گهرجي،وزير اعظم زبان بند رکندو ته حالتون پنجاهه سيڪڙو بهتري ٿي سگهن ٿيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔