مريد عباس قتل ڪيس: جوابدار جي ضمانت خلاف اپيل ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر

ڪراچي : سپريم ڪورٽ، اينڪرپرسن مريد عباس قتل ڪيس جي اهم جوابدار عادل زمان جي ضمانت تي آزادي خلاف اپيل جي ٻڌڻي ٻن هفتن بعد مقرر ڪري ڇڏي، عدالت ايندڙ ٻڌڻيءَ تي ڌرين کان دليل طلب ڪري ورتا، مريد عباس جي گهرواري درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جوابدار عادل زمان کي ضمانت تي آزاد ڪري اهم قانوني نقطن کي نظرانداز ڪيو، فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي جوابدار کي جيل موڪليو وڃي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري قتل ٿي ويل اينڪرپرسن مريد عباس جي ڪيس ۾ مک جوابدار عادل زمان جي ضمانت تي آزادي خلاف اپيل ٻڌڻيءَ لاءِ ٻن هفتن بعد مقرر ڪري ڇڏي آهي. مريد عباس جي گهرواري زارا عباس پاران وڪيل معرفت داخل ڪيل اپيل ۾ استدعا ڪندي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جوابدار عادل زمان کي ضمانت تي آزاد ڪري اهم قانوني نقطن کي نظرانداز ڪيو آهي، جيڪو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي جوابدار کي جيل موڪليو وڃي. جونيئر وڪيل عدالت ۾ پيش ٿي موقف اختيار ڪيو ته درخواستگذار جو وڪيل فيصل صديقي ڪرونا ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، جنهن تي عدالت درخواست ٻن هفتن بعد ٻڌڻ لاءِ مقرر ڪري ڇڏي…….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔