آغا سراج دراني ۽ سندس ڪٽنب جون ضمانت واريون درخواستون گڏائي ٻڌڻ جو حڪم

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ، آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس ۾ اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ سندس ڪٽنب جون ضمانت واريون درخواستون گڏائي ٻڌڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر آغا سراج دراني، سندس پٽ آغا شهباز، ڌيءَ ۽ گهرواري جي ضمانت وارين درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران درخواستگذار جو وڪيل شهاب سرڪي پيش نه ٿي سگهيو، عدالت آغا سراج دراني ۽ سندس ڪٽنب جون ضمانت واريون سموريون درخواستون گڏائي ٻڌڻ جو حڪم ڏنو. عدالت آغا سراج دراني ۽ ٻين جي ضمانت وارين درخواستن تي ٻڌڻي 15 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي…..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔