مني لانڊرنگ ريفرنس: آصف زرداري جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور

اسلام آباد: جعلي بينڪ اڪائونٽس ۾ مبينا مني لانڊرنگ ريفرنس بابت احتساب عدالت ٻڌڻي دوران آصف زرداري جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي. احتساب عدالت اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ واري ڪارروائي24 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. صفائي جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ عدالت اڳيان استدعا ڪئي ته فرد جرم لاڳو ڪرڻ کان پهريان قانوني گهرجون پوريون ڪيون وڃن. عدالت نيب جي جاچ آفيسر کي وقت ڏيڻ واري درخواست به منظور ڪري ورتي. ٻڌڻي دوران هڪ جوابدار جي پلي بارگين جي درخواست تي ڪارروائي مڪمل نه ٿي سگهي،عدالت ريمارڪس ڏنا ته درخواست تي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ تائين فرد جرم لاڳو ڪري نٿو سگهجي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔