چار مختلف ڊيزائنز جا وينٽي ليٽرز تيار ڪيا آهن: فواد چوڌري

اسلام آباد: سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته علي زيدي، عزير بلوچ جي جَي آءِ ٽي رپورٽ بابت اڄ پريس ڪانفرنس ۾ ردعمل ڏيندو، تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ جنهن تي به الزام لڳو،ان کان جواب ورتو ويو. جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته مختلف شعبن جي انجنيئرز چار مختلف ڊيزائنز جا وينٽي ليٽرز تيار ڪيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ 2.1 ارب رپين جا طبي اوزار امپورٽ ڪيا وڃن ٿا. وفاقي وزير چيو ته پرائيويٽ سيڪٽر طبي اوزار تيار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته زرعي شعبي کي جديد طريقن سان متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.. فواد چوڌري چيو ته اپوزيشن ۽ حڪومت هر وقت هڪٻئي کي مات ڏيڻ لاءِڪوششن ۾ رهنديون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔