ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وڌيڪ 71 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون

اسلام آباد:ملڪ اندر 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 71 شهري حياتيون وڃائي ويٺا،جنهن بعد فوتين جو تعداد وڌي ڪري 4 هزار 839 ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ملڪ ۾ ڪرونا وائرس کان متاثر مريضن جو تعداد 2 لک 34 هزار 509 ٿي ويو. رپورٽس مطابق سنڌ ۾ متاثرن جو تعداد 96 هزار 236،پنجاب ۾ 82 هزار 669 ۽ ڪي پي ۾ 28 هزار 236 تائين پهچي ويو آهي. بلوچستان ۾ متاثرن جو انگ 10 هزار 841،اسلام آباد ۾ 13 هزار 557،گلگت ۾ هڪ هزار 587 ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 383 ٿي ويو. ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق سنڌ ۾ هڪ هزار 572،پنجاب ۾ هڪ هزار 899 ۽ ڪي پي ۾ هڪ هزار 38 شهري حياتيون وڃائي ويٺا آهن. اسلام آباد ۾ فوتين جو انگ 140،بلوچستان ۾ 124،گلگت ۾ 30 7 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 36 ٿي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔