ڪابل ۾ اهم اجلاس طلب: پاڪستان سميت 19ملڪن جي نمائندن کي شرڪت جي دعوت

ڪابل: افغان حڪومت ايندڙ سومر تي ڪابل ۾ اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي جنهن ۾ پاڪستان، ڀارت، چين، ايران، روس سميت 19 ملڪن جي نمائندن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي ته جيئن هو افغان ڳالهين بابت پنهنجي راءِ ڏئي سگهن.

واضح رهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ آءِ ايس آءِ چيف جنرل فيض حميد جي 9 جون تي افغانستان جي دوري ۽ امن ڳالهين ۾ پاڪستان جي ڪردار جي بدولت ڪاميابي طرف گامزن آهي. آمريڪا، افغانستان ۽ طالبان وچ ۾ معاهدي موجب قيدين جي آزادي ۽ آمريڪي فوجين جي واپسي تي عمل جاري آهي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايندڙ صدارتي چونڊن کان اڳ  بين الافغان ڳالهين کي حتمي شڪل ۽ پنهنجي فوجين جي واپسي چاهي ٿو اهوئي سبب آهي ته افغان چونڊون هاريندڙ اميدوار عبدالله عبدالله کي چيئرمين قومي مصالحتي ڪائونسل بنايو ويو جنهن جي تحت هو پنهنجي 19 رڪني ٽيم سان گڏ طالبان سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ڳالهين جو اختيار به رکي ٿو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔