پاڪ فوج جو ڪارگل جنگ ۾ نشانِ حيدر ماڻيندڙ2 سپوتن کي خراجِ عقيدت

راولپنڊي: پاڪ فوج پاران ڪارگل جنگ ۾ نشانِ حيدر ماڻيندڙ ٻن سپوتن کي خراجِ عقيدت عقيدت پيش ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد ۽ حوالدار لالڪ جان شهيد بهادري، لازوال جذبي ۽ مثالي قيادت جو اڻ وسرندڙ باب آهن.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته مادر وطن جي بچاءَ لاءِ پنهنجيون جانيون قربان ڪرڻ کان وڌيڪ ڪجه به ناهي ، قوم کي پنهنجي بهادر پٽن تي فخر آهي .

آرمي چيف چيو آهي ته هر قيمت تي ملڪي بچاءَ لاءِ بهادري سان بيهي رهڻ ئي ڌرتي ماءُ جي پٽن جو ڪم آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔