نيو يارڪ: افغانستان جي صورتحال تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس دوران پاڪستان ۽ ڀارت جي نمائندن وچ ۾ سخت بيانن جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي تي دهشتگردي ۽ علائقائي بيچيني سان لاڳاپيل الزام هنيا.
پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير عاصم افتخار احمد چيو ته افغانستان ۾ ڀارت جي سرگرمين جو بنيادي مقصد پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ آهي، جنهن لاءِ افغان سرزمين تي سرگرم ڪجهه دهشتگرد گروهن کي استعمال ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته پاڪستان کي طالبان سان ڀارت جي وڌندڙ ويجهڙائپ تي ڪا حيرت ناهي، ڇاڪاڻ ته اها تبديلي پاڪستان جي ڪامياب دهشتگردي مخالف ڪاررواين کان پوءِ سامهون آئي آهي.
پاڪستان طرفان ملڪ اندر دهشتگرد سرگرمين ۾ ملوث شدت پسند گروهن کي ”فتنه الھندستان“ قرار ڏيڻ واري معاملي تي به ٻنهي ملڪن جي نمائندن وچ ۾ گرما گرمي ڏسڻ ۾ آئي. پاڪستاني نمائندي خاص طور تي تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي) جو ذڪر ڪندي دعويٰ ڪئي ته بي ايل اي ڀارت جي پراڪسي تنظيم طور ڪم ڪري ٿي ۽ کيس مبينا طور تي مالي ۽ ٻيون سهولتون حاصل آهن.
ڀارتي نمائندي پاڪستان تي تنقيد ڪندي چيو ته اهو بيانيو رياستي سرپرستي هيٺ ڦهلايل غلط معلومات ۽ گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا تي ٻڌل آهي.
ٻئي پاسي افغانستان لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي خصوصي نائب نمائندي جارجيٽ گيگنن چيو ته افغانستان ۾ سرگرم دهشتگرد گروهن جي موجودگي بابت خدشا اڃا تائين برقرار آهن ۽ ان مسئلي تي تعميري ڳالهه ٻولهه ضروري آهي.
سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ علائقي جي مجموعي صورتحال، دهشتگردي، انساني بحران ۽ افغانستان جي مستقبل بابت تفصيلي بحث ڪيو ويو.
گڏيل قومن انساني حقن، عورتن جي تعليم ۽ معاشي مشڪلاتن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي، جڏهن ته روس پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ مسئلن کي سفارتي ذريعن سان حل ڪرڻ تي زور ڏنو.
”پنهنجين ناڪامين جو الزام پاڙيسري ملڪن تي هڻڻ پاڪستان جي پراڻي عادت آهي“ ــ ڀارتي نمائندي جو الزام
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڀارت جي مستقل نمائندي سفير هريش پريٿم ڀارت جي موقف جا ڏهه اهم نڪتا پيش ڪيا. هن چيو ته افغانستاني برآمدات لاءِ ڀارت هڪ وڏي منڊي بڻجي چڪو آهي، جڏهن ته ڀارت طرفان قائم ڪيل خاص هوائي مال برداري راهداري، پاڪستان طرفان افغانستان تي لاڳو ڪيل واپاري ۽ ٽرانزٽ رڪاوٽن ۽ دهشتگردي کان بلڪل مختلف آهي.
ڀارتي نمائندي چيو ته گڏيل قومون ۽ گهڻ رخي عالمي نظام ڪو اهڙو ”مينيو“ نه آهن، جنهن مان پاڪستان پنهنجي مرضي موجب چونڊ ڪري. هن پاڪستان طرفان افغانستان تي هوائي حملن، سرحد پار فائرنگ ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي نتيجي ۾ شهري جاني نقصانن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي.
سفير هريش الزام هنيو ته پنهنجي ناڪامين جو الزام پاڙيسري ملڪن تي هڻڻ پاڪستان جي پراڻي عادت آهي ۽ دنيا کي گمراهه ڪرڻ جي اها ڪوشش ناڪام ٿيندي. هن پاڪستان جي فوجي ڪاررواين بابت چيو ته ”ڪنهن قتلِ عام کي فوجي آپريشن جو نالو ڏيڻ سان ذميواري ختم نٿي ٿئي. شهرين کي قتل ڪرڻ، زخمي ڪرڻ يا يتيم بڻائڻ کي دهشتگردي خلاف ڪارروائي نٿو چئي سگهجي.“
هن وڌيڪ چيو ته ”بين الاقوامي قانون ۽ اسلامي يڪجهتي جون ڳالهيون ڪندي رمضان المبارڪ ۾ هوائي حملا ڪرڻ کليل منافقت جو مثال آهي.“
سفير هريش الزام لڳايو ته پاڪستاني حڪومت جو پنهنجي ئي ملڪ اندر گروهن کي ”فتنه الھندستان“ قرار ڏيڻ دراصل رياستي سرپرستي هيٺ ڦهلايل غلط معلومات ۽ گمراهه ڪندڙ بيانيي جو حصو آهي، جنهن کي مذهبي اصطلاحن ۾ پيش ڪيو پيو وڃي.
پاڪستان جو جواب: ”افغانستان ۾ ڀارت جي سرگرمين جو بنيادي مقصد پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ آهي“
سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ افغانستان ۽ ڀارت جي نمائندن جي بيانن تي ردعمل ڏيندي پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير عاصم افتخار احمد چيو ته مارچ ۾ ڪيل ڪاررواين سميت پاڪستان جا سڀ قدم صرف افغانستان مان سرگرم دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف هئا ۽ افغان عوام کي نشانو بڻائڻ هرگز مقصد نه هو.
هن چيو ته انهن ڪاررواين ۾ ڊرون ذخيرن، فني سهائتا مرڪزن ۽ هٿيارن جي گودامن کي نشانو بڻايو ويو، جيڪي پاڪستاني شهرين تي حملن لاءِ استعمال ٿي رهيا هئا.
سندس چوڻ هو ته اهي حملا انتهائي درست، سوچي سمجهي ۽ پيشه ورانه انداز ۾ ڪيا ويا ۽ ڪنهن به اسپتال، منشيات بحالي مرڪز يا شهري تنصيب کي نشانو نه بڻايو ويو. هن چيو ته ڪارروائي کان پوءِ جاري ڪيل وڊيوز مان واضح ٿئي ٿو ته ڪهڙا هدف نشانو بڻايا ويا هئا ۽ ثانوي ڌماڪن مان هٿيارن جي ذخيرن جي موجودگي جي به تصديق ٿئي ٿي.
پاڪستاني نمائندي چيو ته اڪثر مقررن طالبان حڪومت تي زور ڏنو ته افغان سرزمين ڪنهن به ملڪ خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي، پر تقريباً سڀني شرڪت ڪندڙن جي ابتڙ ڀارت ان معاملي تي خاموش رهيو.
هن ڀارتي نمائندي تي تنقيد ڪندي چيو ته افغانستان ۾ ترقياتي ۽ انساني امداد بابت ڊگهي فهرست پيش ڪرڻ جو اصل مقصد پاڪستان کي نشانو بڻائڻ هو.
عاصم افتخار احمد دعويٰ ڪئي ته افغانستان ۾ ڀارت جي سرگرمين جو بنيادي مقصد پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ آهي ۽ ان مقصد لاءِ تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي) جهڙن گروهن کي استعمال ڪيو وڃي ٿو.
هن چيو ته بي ايل اي، جنهن کي ”فتنه الھندستان“ به چيو وڃي ٿو، پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ بيچيني ڦهلائڻ لاءِ ڀارت جي مدد ۽ مالي سهڪار حاصل ڪري ٿي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي طالبان سان ڀارت جي وڌندڙ ويجهڙائپ تي ڪا حيرت ناهي، ڇاڪاڻ ته اها پاليسي تبديلي پاڪستان جي ڪامياب دهشتگردي مخالف ڪاررواين کان پوءِ سامهون آئي آهي.
هن افغان نمائندي طرفان افغانستان مان پاڪستان خلاف ٿيندڙ دهشتگردي جي مذمت کي ڀليڪار ڪيو، پر ڀارتي نمائندي تي تنقيد ڪندي چيو ته هن نه ٽي ٽي پي ۽ نه ئي بي ايل اي جي مذمت ڪئي، جڏهن ته انهن گروهن جي حملن ۾ ڪيترائي پاڪستاني شهري، عورتون، ٻار ۽ سيڪيورٽي اهلڪار مارجي چڪا آهن.
”ڀارت دهشتگردي جو رياستي سرپرست آهي“
عاصم افتخار احمد ڀارت تي سخت تنقيد ڪندي الزام هنيو ته ڀارت جون پاليسيون علائقي ۾ بيچيني ۽ دهشتگردي کي هٿي ڏئي رهيون آهن. هن چيو ته ڀارت نه رڳو پنهنجي انتظام هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾، پر افغانستان جي سرزمين کي استعمال ڪندي پاڪستان خلاف به دهشتگردي جي سرپرستي ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ٻين هنڌن تي به اهڙين سرگرمين جي مدد ۽ مالي معاونت ڪري رهيو آهي.
هن اتر آمريڪا، ڪينيڊا ۽ آمريڪا ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن جو حوالو ڏيندي چيو ته عالمي برادري ۾ هاڻي ڀارت جي پرڏيهي سرزمين تي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت خدشا وڌي رهيا آهن. سفير عاصم افتخار احمد چيو ته گذريل سال دهشتگردي جي واقعن ۾ 1,200 کان وڌيڪ پاڪستاني مارجي ويا، جيڪي عام شهري هئا ۽ جن جا خاندان، خواب ۽ بهتر مستقبل جون اميدون هيون.
هن الزام لڳايو ته ڀارت سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان تي تنقيد ڪري پنهنجي مبينا ڪردار تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير هڪ بين الاقوامي تڪرار آهي جيڪو سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود آهي ۽ اتي انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جا الزام موجود آهن.
تبصرے بند ہیں۔