عمران خان کان ملڪ نه پيو هلي،ڪنهن به وقت نيون چونڊون ٿي سگهن ٿيون:شاهد خاقان عباسي

ڪراچي : ملڪ ۾ ڪنهن به وقت نيون چونڊون ٿي سگهن ٿيون، عمران خان کان ملڪ نه هلي رهيو آهي، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته هن وقت ياري دوستي واري حڪومت هلي رهي آهي، پيٽرول جو بحران سنگين صورت اختيار ڪري ويو، مهانگائي چوٽ چڙهي وئي ۽ ڪرپشن به وڏي پئماني تي جاري آهي، پر ڪير به پُڇڻ وارو نه آهي، ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ غيرقانوني ڀرتين واري ريفرنس ۾ پيش ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان چيو ته جِن ملڪ لاءِ خدمت ڪئي، اُهي عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن، مائينس ون جي وضاحت اُهي ئي ڪن، جِن اها ڳالهه ڪئي آهي…..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔