شيخوپوره ۾ ريل گاڏي ڪوسٽر سان ٽڪرائجي وئي، 18 سِک ياترين سوڌو 19 مسافر فوت

شيخوپوره : پنجاب جي علائقي شيخوپوره ۾ ٽرين مسافر ڪوسٽر سان ٽڪرائجي وئي، 18 سِک ياترين سوڌو 19 مسافر فوت ٿي ويا، ڊي پي او شيخوپوره چيو آهي ته فيصل آباد کان ڪراچي ويندڙ شاهه حسن ايڪسپريس ڦاٽڪ ڪراس ڪندڙ مسافر ڪوسٽر سان ٽڪرائجي وئي، ٽرين جي ٽڪر جو شڪار وئن پشاور کان صادق آباد وڃي رهي هئي، ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته سک ياترين سان ڀريل ڪوسٽر ڦاٽڪ پار ڪرڻ دوران ٽرين سان ٽڪرائجي وئي، حادثو فاروق آباد ۽ بحالي اسٽيشن جي وچ تي ٿيو، 19 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال نيو ويو، ڪوسٽر ۾ 25 کان وڌيڪ مسافر سوار هئا، حادثو بنا ڪراسنگ واري ڦاٽڪ تي ٿيو، اختيارين موجب شاهه حسين ايڪسپريس فيصل آباد کان لاهور وڃي رهي هئي، حادثي جو شڪار ٿيل وين پشاور کان صادق آباد وڃي رهي هئي، جڏهن ته وزيراعظم طرفان حادثي ۾ انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔