ڪينٽ پاور پلانٽ ۾ خرابي، ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ وڌي وئي

ڪراچي: ڪراچي ۾ بجلي ورهاست ڪندڙ ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ جو چوڻ آهي ته ايٽمي بجلي گهر ڪينٽ ۾ ٽيڪنيڪي خرابي سبب شهر ۾ لوڊ مينجمينٽ جي ڪري لوڊ شيڊنگ ڪئي پئي وڃي.

ڪي اليڪٽرڪ موجب مذڪوره ٽيڪنيڪل فالٽ سبب شهر کي 60 ميگاواٽ بجلي جي کوٽ واري صورتحال آهي جنهن سبب ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.

ڪي اليڪٽرڪ جو چوڻ آهي ته خرابي ختم ڪرڻ لاءِ ٽيڪنيڪل ٽيمون ڪم ڪري رهيون آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن ٿيل ان خرابي کانپوءِ سموري رات شهر جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي اچ وڃ جاري رهي ۽ لوڊشيڊنگ جي وقت ۾ ٽي کان چار ڪلاڪ جو اضافو ٿيو آهي.

ذريعن موجب اضافي گيس ۽ فرنس آئل ملڻ باوجود لوڊشيڊنگ نه ٿيندڙ علائقن ۾ به 15 ڪلاڪ تائين ٿي سگهي ٿي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔