ڀارت جو جنگي جنون ۽ خطري ۾ پيل علائقي جو امن

پاڪستان سميت پوري دنيا ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ تدبيرن تي نه رڳو ويچاري رهي آهي پر هر روز ڪي نه ڪي نيون تجويزون ۽ عمل ٿيندا رهن ٿا جن سان هن موذي مرض کي مڪمل طور تي شڪست ڏيڻ جي رٿابندي جاري آهي .

ٻئي پاسي  پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ ڀارت ڪورونا وائرس جي اهڙي صورتحال ۾ به جنگي جنون ۾ مبتلا آهي ۽ ڀارت جي وزيراعظم نريندر مودي جي ذهن تي هر وقت رڳو جنگ ئي سوار آهي .

ڀارت هڪ اهڙي خوف ۾ مبتلا آهي جيڪو کيس اندرئي اندر کائيندو ۽ کوکلو ڪندو رهي ٿو ۽ هو ظاهري طور تي پاڻ کي طاقتور ڏيکارڻ لاءِ نئين نئين هٿيارن جي مدد وٺي ٿو ۽ پنهنجي بچاءَ جي بجيٽ کي به ڀرپور ڪندو رهي ٿو.

تازوئي ڀارت جي بچاءَ واري وزارت 389 ارب رپين جي جنگي ساز ۽ سامان جي خريداري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي  جن ۾ روسي ويڙهاڪ جهاز،ميزائيل سسٽم ۽ ريڊار شامل آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪائونسل جي منظوري کانپوءِ ڀارت 33 نوان جنگي جهاز خريد ڪندو جن مان روس کان 21 مگ جهاز29 ويڙهاڪ جهاز خريد ڪيا ويندا ۽ مقامي سطح تي 12 ايس يو 30 ايم ڪي آءِ جهاز تيار هوندا .

ڀارت پاران پنهنجي بچاءَ جي صلاحيتن کي ڀرپور ڪرڻ ۽ مختلف جنگي ساز ۽ سامان خريد ڪرڻ جو سبب بس هڪڙو ئي ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ڀارت پنهنجي ڊَپ کي لڪائڻ لاءِ علائقي ۾ پنهنجي طاقت کي ظاهر ڪري علائقي جي امن جي توازن کي بگاڙڻ چاهي ٿو .

ڀارت هڪ پاسي لداخ ۾ چين جي سرحد وٽ چين جي فوج سان اٽڪي رهيو آهي ته ٻئي پاسي پاڪستان جي سرحدن ايل او سي ۽ والاريل ڪشمير ۾ آئي ڏينهن جارحاڻيون ۽ چڙ ڏياريندڙ ڪارروائيون ڪري پنهنجو اصل چهرو دنيا کي ڏيکاري رهيو آهي .

 پاڪستان ڀارت جي اهڙِي مڪاري ۽ امن دشمن سوچ کي شروع کان ئي نِنديندو پيو اچي ۽ گڏيل قومن سميت دنيا جي هر پليٽ فارم تي ڀارت جي اڳرائين ۽ جارحاڻين ڪارروائين کي پڌرو ڪندو رهيو آهي .

گڏيل قومن سميت دنيا کي ڀارت جي جنگي جنون ۽ وحشياڻي رويي جو نه رڳو نوٽيس وٺڻ گهرجي پر ڀارت جي وڌندڙ جنگي جنون کي ٻُنجو ڏيڻ لاءِ به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔