آرمي چيف جو ڪراچي ۾ ڪور هيڊ ڪوارٽر ۽ سنڌ رينجرز هيڊڪوارٽرز جو دورو

ڪراچي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڪراچي ۾ ڪور هيڊ ڪوارٽر ۽ سنڌ رينجرز هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال تي بريفنگ ورتي .

انٽر سروسز پبلڪ رليشنز کاتي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جي هيڊ ڪوارٽر جي دوري جي موقعي تي ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل همايون عزيز سندس آجيان ڪئي .

ان موقعي تي آرمي چيف کي اندروني سيڪورٽي جي صورتحال ۽ آپريشنل معاملن تي بريفنگ پڻ ڏني وئي . آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جوانن سان ڳالهائيندي چيو ته هاڻوڪن چيلنجن کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت هوشيار رهڻو پوندو ، ڪراچي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪوششون ساراهڻ جوڳيون آهن.

آرمي چيف دشمنن جا ارادا خاڪ ۾ ملائڻ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڀيٽا پڻ پيش ڪئي .آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف گيريزن هيلٿ   ۽ فيلڊ آئسو ليشن مرڪزن جو به دورو ڪيو ۽ ڪورونا جي حوالي سان ڪيل خدمتن  جي واکاڻ ڪئي . بعد ۾ آرمي چيف سنڌ رينجرز هيڊ ڪوارٽرويو جتي هن شهيدن جي يادگار تي گل چاڙهيا ۽ دعا پڙهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔