ڪراچي ۾ ڪي اليڪٽرڪ جا ڪلور جاري،اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي وقت ۾ اضافو

ڪراچي: ڪراچي واسين سان ڪي اليڪٽرڪ جا ڪلور جاري آهن، ڪي اليڪٽرڪ جو چوڻ آهي ته 8 سئو ميگا واٽ جي کوٽ آهي جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. شهر جي مختلف علائقن ۾ بجلي بند ٿيڻ معمول بڻجي ويو آهي،جنهن سبب شهري سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. گلشن اقبال، بفر زون، نيو ڪراچي، گلبرگ، ڪورونگي، گلستان جوهر، نارٿ ناظم آباد، اورنگي ٽائون، ملير سميت ڀرپاسي جي علائقن ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جاري آهي، شهرين ڪي اليڪٽرڪ خلاف دانهيندي چيو آهي ته بجلي بند ٿيڻ معمول بڻجي ويو آهي، سخت گرمي ۾ هو راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور آهن. شهرين پاران فوري طور تي بجلي بحال ڪري لوڊشيڊنگ آزار ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. هوڏانهن ڪي اليڪٽرڪ جو چوڻ آهي ته 8 سئو ميگا واٽ بجلي جي کوٽ آهي، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔