واٽس ايپ پاران ڪيترائي نوان فيچرز متعارف ڪرائڻ جو اعلان

واٽس ايپ ڪيترائي نوان فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي جيڪي ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ واهپيدارن کي دستياب هوندا.
انهن مان گھڻن فيچرز بابت ته اڳ ئي خبر پئجي چڪي هئي ڇو جو اهي بيٽا ورجن ۾ اچي ويا هئا.
پر هاڻ ڪمپني طرفان اعلان کان پوءِ اسان ڄاڻي چڪا آهيون ته اهي عام واهپيدارن جلد استعمال ڪري سگھندا

انهن مان هڪ فيچر نون ڪانٽيڪٽس کي سولائيءَ سان ايڊ ڪرڻ جي حوالي سان آهي ۽ ان مقصد لاءِ واٽس ايپ نئون ڪيو آر ڪوڊ متعارف ڪرايو آهي.
ان فيچر سان واهپيدار ڪنهن به ٻئي واهپيدارن کي ڪيو آر ڪوڊ کي اسڪين ڪري ڪانٽيڪٽس ۾ شامل ڪري سگھندا، معنيٰ فون نمبر کي ٽائيپ ڪرڻ جي ضرورت نه رهندي.
اهو فيچر ڪجهه مهينا اڳ بيٽا ورجن ۾ آيو هو ۽ هاڻ ان کي سمورن واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو پيو وڃي.اهڙي طرح هڪ فيچر وڊيو ڪالز جي حوالي سان آهي جنهن کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي.

وڊيو ڪالز ۾ پهريان 8 ڄڻن تائين سپورٽ فراهم ڪئيوئي هئي، ۽ هاڻ نئين فيچر تحت واهپيدار ڪال ۾ شريڪ ڪنهن به فرد جي آئيڪون کي ڪجهه دير تائين دٻائي فل اسڪرين ۾ ڏسي سگھندا. اهڙي طرح گروپ چيٽس ۾ هڪ وڊيو آئڪون به ڏنو پيو وڃي ته جيئن سنگل ڪلڪ سان گروپ وڊيو ڪال شروع ڪري سگھجي،هڪ ٻيو فيچر اينيميٽڊ اسٽيڪر پيڪس جو آهي جنهن جي آزمائش ڪجهه عرصي کان بيٽا ورجن ۾ به ٿي رهي هئي.

ظاهري طور تي اهي اينيميٽڊ اسٽيڪرز واٽس ايپ جي موجوده اسٽيڪرز جهڙا ئي آهن رڳو انهن ۾ اينيميشن جي واڌ ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔