سنڌ سرڪار ٽئڪس اوڳاڙي لاءِ وفاق آڏو شرط رکي ڇڏيا

ڪراچي : پهرين ٽئڪس اوڳاڙي جي مد ۾ ڪاٽيل 7 ارب رُپيا واپس ڪريو، وفاقي ڪابينا ٽئڪس اوڳاڙي لاءِ سنڌ حڪومت کي باضابطا طور درخواست ڏئي ۽ موٽر سائيڪل تي ود هولڊنگ ٽئڪس واپس وٺي، سنڌ سرڪار ٽئڪس اوڳاڙي لاءِ وفاق آڏو 3 شرط رکي ڇڏيا، ٻن ڏينهن تائين ٽئڪس اوڳاڙي بند ٿيڻ بعد ڪراچي پهتل ڪمشنر ايف بي آر جي ايڪسائيز کاتي جي سيڪريٽري سان ملاقات، ايف بي آر طرفان سيڪريٽري ايڪسائيز آڏو وفاق جو موقف پيش ڪيو ويو، سنڌ سرڪار به ايف بي جي ڪمشنر کي پنهنجي موقف کان آگاهه ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔