وزير اعظم ملڪ ۾ 15 نيشنل پارڪ قائم ڪرڻ جا منصوبا جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان ملڪ ۾ 15 نيشنل پارڪ قائم ڪرڻ جا منصوبا جاري ڪندي چيو آهي ته موسمياتي تبديلي ملڪ جي لاءِ وڏو خطرو آهي.

اسلام آباد ۾ ماحوليات بابت تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته اسان نيشنل پارڪ ڊيڪليئر ڪري ٿا ڇڏيون پر ان ۾ وڻ به ڪٽجي رهيا هوندا آهن جانور به وڃي رهيا هوندا آهن، ڪنهن کي سمجهه ئي ناهي ته نيشنل پارڪ کي ڪيئن محفوظ ڪرڻو آهي.

هن چيو ته ٽورام کي سمجهڻ به ڏاڍو اهم آهي، اسان سياحت جي لاءِ جيڪي علائقا کوليا آهن اُهي رڳو ان ڪري بچيل آهن ڇو ته اُتي روڊ ناهن.

عمران خان چيو ته منهنجي درخواست آهي ته سياحت جي لاءِ نون علائقن کي ان وقت تائين نه کوليو وڃي جيستائين ان حوالي سان قانون تيار نه ٿيندا ته علائقي ۾ ڪنهن شئي جي اجازت ڏيڻي آهي ۽ ڪهڙي شئي کي روڪڻو آهي.

پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي هن چيو ته مون اهڙا ڪيترائي علائقا ڏٺا آهن جتي گاڏين جي وڃڻ جي اجازت نه هئڻ گهرجي پر اُتي رڳو ماڻهو کي گهوڙن يا پنڌ وڃڻ گهرجي، گاڏيون هلنديون ته اُهي علائقا تباهه ٿي ويندا.

هن چيو ته اسان گليات ۽ مري کي تباهه ٿيندي ڏٺو، مري ۾ گهر بڻائڻ بابت قانون موجود هئا، اُتي هاڻ پاڻي جي کوٽ ۽ ٻيا مسئلا موجود آهن.

وزير اعظم چيو ته ايڪوٽورازم هاڻ سامهون اچي رهيا آهن ته جيڪي به علائقا هاڻ سياحت جي لاءِ کوليا پيا وڃن اُهي هن جي ماحول کي ڏسي کوليا پيا وڃن.

عمران خان چيو ته مارگلا جي جبلن ۾ حياتي تنوع موجود آهي، اُتي مختلف قسمن جا ٻوٽا موجود آهن ۽ اسان پارڪ بڻائي بچايو ٿيو پر مون کي ڊپ آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ بنا منصوبابندي جي ترقي ٿي رهي آهي جنهن سان ان کي نقصان رسندو.

هن چيو ته آمريڪا ۾ نيشنل پارڪ جي تحفظ بابت ڄاڻ وٺي ان تي عمل ڪرڻو آهي ۽ ان حوالي سان وسيلا ڪتب آڻندا آهن.

وزير اعظم چيو ته گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلي سان ملڪ کي گهڻو خطرو آهي ڇو ته گليشيئرز سان درياهن ۾ پاڻي ايندو آهي ۽ جيئن جيئن موسم گرم ٿيندو اِهو پاڻي گهٽ ٿي ويندو.

هن چيو ته 10 ارب وڻ ۽ انهن نيشنل پارڪس جو منصوبو ايندڙ نسلن جي لاءِ هڪ وڏو ڪردار ادا ڪندو.

عمران خان جو چوڻ هو ته صوبائي حڪومت کان درخواست ٿو ڪيان ته نيشنل پارڪس جي تحفظ کي سنجيدگي سان وٺڻو پوندو، ماضي ۾ ڪنهن حڪوتم ان شئي کي ترجيح ناهي ڏني ۽ اِهو ناهي سمجهيو ته هي ڪيترو ضروري آهي.

وزير اعظم زور ڏنو ته شهرين جي لاءِ ماسٽر پلان بڻايو يا ته ماسٽر پلان ناهي يا وري پراڻو ٿي ويو آحي، هن چيو ته شهر تباهه ٿي رهيا آهن، شهر پکڙجندا پيا وڃن جنهن جي ڪري سيوريج، پاڻي ۽ بجلي جو نظام ٺيڪ نٿو ٿي سگهي.

هن چيو ته ٽائون پلاننگ ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن کي اسان گرين ۽ ڪلين پاڪستان جو حصو بڻائينداسين ۽ پنهنجي شهرن کي بچائينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔