ڪشمير ۾ ڀارتي فوج هٿان بزرگ جي شهادت تي مهوش حيات سراپا احتجاج

ڪراچي: والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي هٿان 60 سالن جي بزرگ شهري جي شهادت تي پاڪستاني اداڪاره مهوش حيات خاموش تماشائي بڻيل دنيا کي جنجهوڙيندي چيو آهي ته اسان ڪيستائين هن ظلم تي خاموش رهنداسين.
گذريل ڏينهن والاريل ڪشمير ۾ هڪ ٻيو انتهائي ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو جڏهن ظالم ڀارتي فوج نام نهاد آپريشن جي دوران هڪ 60 ساله شخص کي گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو ۽ شهيد ٿيندڙ شخص جو 3 ساله ڏوهٽو ناني جي لاش تي ويهي روئيندو رهيو پر ان کي دلاسو ڏيڻ وارو ڪير به نه هو. ناني جي لاش تي ويهي روئيندي بي وس 3 ساله ٻارڙي جي تصوير سوشل ميڊيا تي جهنگ جي باهه جيان پکڙجي وئي ۽ ٽوئٽر تي هڪ دفعو ٻيهر ڪشمير جي آزادي بيش ٽيگ ٽرينڊ ڪرڻ لڳو.
هن ڏکوئيندڙ واقعي تي مهوش حيات به چپ نه رهي سگهي ۽ هن والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ظلم ۽ بربريت تي دنيا جي خاموش تي سخت ڪاوڙ ۾ اچي وئي.
اداڪاره چيو ته دنيا ڇو خاموش تماشائي بڻيل آهي ۽ ڀارتي فوج کي اهڙا ظلم ڪرڻ جي اجازت ڪيئن ڏئي سگهي ٿي.اسان ڪيستائين هن ظلم تي اکيون بند ڪنداسين. هن چيو ته اسان کي هي ظلم روڪڻو پوندو. ڪشميرين جو زندگيون به اهم آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔