وفاق ٽيڪس آئين موجب وٺي ٿو ۽ وٺندو رهندو: حليم عادل شيخ

ڪراچي : پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ حڪومت نفرت جي سياست کي بند ڪري، وفاق ٽيڪس آئين موجب وٺي ٿو ۽ وٺندو رهندو، پ پ حڪومت سنڌ کي مصيبت ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته جعلي پائليٽ چاچي ڀائٽيَي جي دور ۾ ڀرتي ٿيا، بلديا ٽائون، عزير بلوچ ۽ ٻين معاملن تي رپورٽس سامهون آنديون وڃن، وڏا وڏا پردا نشين پڌرا ٿيندا. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪٿي دوائون چوري ٿي رهيون آهن، ڪٿي غريب عوام گڏهه گاڏي تي اسپتال وڃي پيو، ڪاٺ جون پليون اڄ به سنڌ ۾ موجود آهن، بلاول پنهنجي قيادت کي چوي ته سنڌ جي خدمت ڪري. حليم عادل شيخ چيو ته آڊيٽر جنرل جي رپورٽ تي ڊرامو هلي رهيو آهي، جنهن ۾ 98 سيڪڙو ڪرپشن ۾ گهٽتائي آئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔