ميانمار: لينڊ سلائيڊنگ دوران پٿرن جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ 100 کان وڌيڪ مزدور دٻجي فوت

برما: ميانمار ۾ لينڊ سلائيڊنگ جي دوران پٿرن جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ 100 کان وڌيڪ مزدور فوت ٿي ويا.پرڏيهي ميڊيا موجب واقعو اتر ميانمار ۾ پيش آيو جتي سخت برساتن سبب لينڊ سلائيڊنگ ٿي جنهن سبب قيمتي پٿرن جي ڳولا جي لاءِ ڪم ڪندڙ ڪيترائي مزدور مٽي جي ڇپن هيٺيان دٻجي فوت ٿي ويا.اختيارين ٻڌايو آهي ته ريسڪيو آپريشن ۾ هينئر تائين 113 مزدورن جون لاشون ڪڍيون ويون آهن جڏهن ته تيز برساتن باوجود به سرچ آپريشن جاري آهي. ريسڪيو اختيارين 100 کان وڌيڪ مزدورن جون لاشون ڪڍڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته وڌيڪ مزدور مٽيءَ جي ڇپن هيٺان آهن جنهن جي فوتگين ۾ واڌ جو امڪان آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔