ڪورونا وائرس سبب روزاني 1,60000 ڪيسز رپورٽ ٿين پيا: ڊبليو ايڇ او

جنيوا: صحت جي عالمي اداري جي سربراهه ڊاڪٽر ٽيڊروس چيو آهي ته گذريل هفتي کان روزاني هڪ لک 60 هزار کان وڌيڪ ڪورونا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. عالمي خبرون ڏيندڙ ايجنسي ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته صحت جي عالمي اداري جو چوڻ آهي ته هينئر تائين ڪورونا وائرس جا جيترا به ڪيس رپورٽ ٿيا آهن ان مان 60 سيڪڙو گذريل ڪجهه هفتن جي دوران رڪارڊ ڪيا ويا آهن.ڊاڪٽر ٽيڊروس واضح طور تي چيو آهي ته ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جو واحد حل جامع حڪمت عملي آهي. هن اعتراف ڪيو ته جامع حڪمت عملي اختيار ڪندڙ ملڪن ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ نٿو پکڙجي. عالمي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب هن چيو ته ڪجهه ملڪن ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ احتياط تدبيرن تي عمل نه ڪيو.هن خبردار ڪندي چيو ته احتياطي تدبيرن تي عمل نه ڪندڙ ملڪن جي لاءِ اڳيان وڏيون پريشانيون سامهون اچي سگهن ٿيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔