ايئرڪنڊيشن ڪورونا وائرس جي پکيڙ جو سبب بڻجي سگهي ٿو

لنڊن: گرمي جي موسم شروع ٿيندي ئي گرمي کان بچڻ جي لاءِ گهرن ۾ ايئرڪنڊيشن(اي سي) جو استعمال وڌي ويندو آهي پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته اي سي ڪورونا وائرس جي پکيڙ جو سبب به بڻجي سگهي ٿو.؟هارورڊ گزٽ جي رپورٽ موجب آمريڪي هارورڊ يونيورسٽي جي ميڊيڪل اسڪول جي پروفيسر ايڊورڊ نارڊيل چيو آهي ته هن وقت ڪورونا وائرس جا وڌيڪ ڪيس اتي ڏٺا ويا آهن جتي لاڳيتو ايئرڪنڊيشن جو استعمال ڪيو ويندو. پروفيسر نارڊيل موجب عام طورتي ڪورونا وائرس نڇ ڏيڻ ۽ کنگهڻ سان هوا ۾ شامل ٿيندڙ ذرات سان پکڙجندو آهي پر ان ڳالهه جو به ثبوت ملندو آهي ته هي وائرس ايئربون يعني هوا مان به انساني جسم ۾ منتقل ٿيندو آهي.هن چيو ته جتي اي سي هوندو آهي اتي ڪمرو يا جڳهه ڪور يعني بند هوندي آهي. پروفيسر نارڊيل وڌيڪ ٻڌايو آهي ته جڏهن ماڻهو گرمي سبب گهر جي اندر داخل ٿيندا آهن ته اي سي جي هوا هن کي خطرناڪ طريقي سان متاثر ڪري سگهي ٿي.هن خبردار ڪيو آهي ته اهڙي صورت ۾ اي سي جي هوا ڪورونا وائرس جي پکيڙ جو سبب بڻجي سگهي ٿي. ان ڪري اي سي جو استعمال ضرورت جي حد تائين ڪيو وڃي. طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته اي سي جي صاف سٿرائي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيئن ان جي اندر ڄمندڙ آلوده هوا صحت جي بيمارين .کان بچائي سگهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔