فيس بڪ تي اشتهارن جي بائيڪاٽ واري مهم ۾ ٻه سئو کان وڌيڪ ڪمپنيون شامل

لنڊن: غلط ڄاڻ ۽ چڙ ڏياريندڙ مواد کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪامي تي فيس بڪ کي اشتهار نه ڏيڻ جي مهم ۾ سڄي دنيا جون 200 کان وڌيڪ ڪمپنيون به شامل ٿي ويون آهن.نسل پرستي، تشدد، ڪوڙ ۽ نفرت جي خلاف ڪردار ادا نه ڪرڻ تي فيس بڪ جي خلاف سڄي دنيا جي 200 کان وڌيڪ ڪمپنين ۽ انساني حقن جي تنظيمن(منافعي جي لاءِ نفرت بند ڪريو) مهم ۾ شامل ٿي ويون آهن. ان ڪمپنين ۾ مائيڪرو سافٽ، يوني ليور، هونڊا، فورڊ، ڪوڪاڪولا، پيپسي، اسٽار پڪس، چاڪليٽ جائنٽ برشريز سميت ٻيا مشهور ادارا شامل آهن.هاڻ هن مهم ۾ راندين جو سامان ۽ ڪپڙا ٺاهيندڙ مشهور جرمن ڪمپنيون ايڊيڊاس ۽ پوما به شامل ٿي ويون آهن ۽ ٻنهي ڪمپنين فيس بڪ ۽ انسٽاگرام کي اشتهار نه ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ياد رهي ته ان بائيڪاٽ واري مهم سبب فيس بڪ جي مالڪ مارڪ زڪربرگ کي 7 ارب ڊالرن کان وڌيڪ تقريبن(سوا 11 کرب پاڪستاني روپين) جو نقصان ٿي چڪو آهي ۽ هاڻ وڌيڪ ڪمپنين جي اعلان کان پوءِ هن نقصان ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔