پيچيده آپريشن بعد مريض جي پيٽ مان موبائل فون ڪڍيو ويو

قاهره: مصر جي ڊاڪٽرن هڪ پيچيده آپريشن کان پوءِ مريض جي پيٽ مان ڪاميابي سان موبائل فون ڪڍي ڇڏيو، آپريشن کان پوءِ مريض کي نگراني لاءِ انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو. عرب اخبار گلف نيوز موجب، مصر جي هرغاده جنرل اسپتال جي سرجنن مريض جي پيٽ مان هڪ ننڍڙو موبائل فون ڪاميابي سان ڪڍي ڇڏيو، جيڪو جان ليوا رڪاوٽ جو سبب بڻجي رهيو هو. ريڊ سي هيلٿ ڊائريڪٽوريٽ موجب، اڻڄاتل مريض اسپتال ۾ شديد پيٽ جي سور، لڳاتار الٽين ۽ انتهائي ٿڪاوٽ جي حالت ۾ آيو هو. ڊاڪٽرن پاران ڪرايل ايڪس ري ۽ ٻين طبي معائنن مان معلوم ٿيو ته پيٽ ۾ ڪا ٻاهرين شئي موجود آهي، جيڪا بعد ۾ هڪ ڪمپيڪٽ موبائل فون طور سڃاتي وئي، جنهن کي مريض حادثاتي طور تي اڳري ڇڏيو هو. اسپتال جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ڪريم الشبراوي صحافين کي ٻڌايو ته هڪ خاص ميڊيڪل ٽيم ايمرجنسي سرجري ذريعي اها ڊيوائس ڪڍي، هاڻي مريض جي حالت مستحڪم آهي پر اڃا به طبي نگراني هيٺ آهي. سال 2021 ۾ مصر ۾ پهريون مشهور ڪيس سامهون آيو، جنهن ۾ هڪ مريض پورو موبائل فون نگلي ڇڏيو هو، جيڪو سندس غذائي نالي ۾ ڦاسي پيو هو ۽ ايمرجنسي طبي مدد جي ضرورت پئي هئي، بعد ۾ به هڪ مريض جي پيٽ مان موبائل ڪڍيو ويو هو.مصر کانسواءِ ٻين ملڪن ۾ به اهڙا غير معمولي واقعا پيش اچي چڪا آهن. طبي تاريخ ۾ اهڙيون عجيب مثالون موجود آهن، جتي مريضن 40 ڇريون، هڪ پائونڊ کانئل ۽ پيچ به نگلي ڇڏيا هئا، جيڪي مهينن تائين پيٽ ۾ رهيا ۽ پوءِ آپريشن ذريعي ڪڍيا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔