آذربائيجان فيلڊ مارشل عاصم منير کي اعليٰ فوجي ايوارڊ سان نوازي ڇڏيو

راولپنڊي: آذربائيجان فيلڊ مارشل عاصم منير کي پيٽرياٽڪ وار ميڊل فوجي تعاون جي ايوارڊ سان نوازي ڇڏيو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان آذربائيجان جي چيف آف جنرل اسٽاف ڪرنل جنرل ڪريم وليوف ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ موجوده عالمي، علاقائي سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف پاڪستان ۽ آذربائيجان جي گهري ڀائراڻه لاڳاپن تي روشني وڌي ۽ آذربائيجان سان پاڪستان جي گهري  ڀائرن واري لاڳاپن جو اظهار ڪيو. جي ايڇ ڪيو اچڻ تي ڪرنل جنرل ڪريم وليوف کي پاڪ فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ڪرنل جنرل ڪيم وليوف يادگار شهيدن تي گلن جي چادر به چاڙهي.

فيلڊ مارشل ٻطرفن رابطن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي ارادن کي ورجايو ۽ آذربائيجان ۽ آرمينيا جي وچ ۾ امن معاهدي جي ڪاميابي سان مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد به ڏني. آءِ ايس پي آر موجب آذربائيجان جي چيف آف جنرل اسٽاف معرڪه حق ۾ پاڪ فوج جي پيشوارانه مهارت ۽ ڪاميابي جي تعريف ڪئي ۽ وفد يوم آزادي ۽ فتح جي تقريبن جي موقعي تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. جڏهن ته آرمي چيف آذربائيجان جي قيادت ۽ عوام جو ٿورو ادا ڪيو.

آرمي چيف معرڪه حق جي دوران پاڪستاني عوام جي  حمايت تي آذربائيجان جو ٿورو ادا ڪيو جڏهن ته ڪرنل جنرل ڪريم وليوف فيلڊ مارشل عاصم منير کي”پيٽرياٽڪ وار ميڊل فوجي تعاون“ عطا ڪيو. ڪرنل جنرل ڪريم وليوف صدر الهام علوف طرفان آذربائيجان جو اعليٰ عسڪري اعزاز عطا ڪيو.

آءِ ايس پي آر موجب ايوارڊ پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ عسڪري تعاون ۾ شاندار خدمتن جو اعتراف آهي. ڪرنل جنرل ڪريم وليوف دهشتگردي جي خاتمي ۾ پاڪستان جي ڪوششن جي تعريف پڻ ڪئي. ڪرنل جنرل ڪريم وليوف دفاع ۽ سلامتي جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي آذربائيجان جي عوام کي ورجايو، معزز مهمان پاڪستان جي شاندار ميزباني ۽ آذربائيجان جي لاءِ مستقل حمايت تي ٿورو پڻ ادا ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔