ڪراچي : ملڪ ۾ ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن سون سستو ٿي ويو.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 3 سئو رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 3 لک 62 هزار 400 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 257 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 10 هزار 699 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 3 ڊالر گهٽجڻ سان 3 هزار 397 ڊالر في اونس آهي.
