هما قريشي جو ڪزن پارڪنگ جي تڪرار تي قتل

نئين دهلي : بالي ووڊ اداڪارا هما قريشي جي ڪزن کي نئين دهلي ۾ پارڪنگ جي تڪرار تي قتل ڪيو ويو.ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، گذريل رات، هما قريشي جي ڪزن آصف قريشي ٻن ماڻهن کي پنهنجي موٽرسائيڪل پنهنجي گهر جي دروازي کان پري پارڪ ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن تي انهن ۾ جهڳڙو ٿيو.ميڊيا رپورٽن موجب، 42 سالن جي آصف قريشي کي نئين دهلي جي نظام الدين علائقي ۾ پارڪنگ جي جڳهه تي رات دير سان ٿيل جهڳڙي ۾ قتل ڪيو ويو.آصف قريشي جي زال شاهين آصف قريشي پنهنجي بيان ۾ چيو ته رات جو لڳ ڀڳ 9:30 وڳي هڪ پاڙيسري اسان جي گهر جي ٻاهران موٽرسائيڪل پارڪ ڪئي، جنهن تي منهنجي مڙس آصف کيس گاڏي هٽائڻ لاءِ چيو. اهو ماڻهو آصف سان بدسلوڪي ڪئي ۽ واپس اچڻ جي ڌمڪي ڏيڻ کان پوءِ هليو ويو.هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه منٽن بعد، اهو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ سان گڏ آيو ۽ آصف تي تيز هٿيار سان وار ڪيو. مون پنهنجي ڀيڻويي جاويد کي فون ڪيو، پر جڏهن هو پهتو، ته آصف تمام گهڻو رت وهي چڪو هو.ميڊيا رپورٽن موجب، آصف قريشي کي اسپتال پهچايو ويو جتي ڊاڪٽرن کيس مئل قرار ڏنو ۽ چيو ته هو ڏيڍ ڪلاڪ اڳ فوت ٿي ويو.آصف جي زال جو دعويٰ آهي ته جوابدار ماضي ۾ به آصف کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.هما قريشي جي پيءُ سليم قريشي پنهنجي ڀائٽي جي موت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ قتل جو هٿيار هٿ ڪيو ويو آهي. جوابدارن جي سڃاڻپ 19 سالن جي اجول ۽ 18 سالن جي گوتم طور ڪئي وئي آهي ۽ انهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔