هوشيار! ڪيو آر ڪوڊ ڪٿي ۽ ڪيئن استعمال ڪرڻ گهرجي؟

اڄ جي ڊجيٽل دور ۾ ڪيوآر زندگي جو حصو بڻجي ويا آهن، جيڪي ريستورينٽ جي مينيوز، ميوزيم جي نمائشن، يوٽيلٽي بلن ۽ پارڪنگ لاٽن تي به رکيا وڃن ٿا.
واهپيدار انهن ڪوڊن کي استعمال ڪري ويب سائيٽون کولن ٿا، ايپس ڊائونلوڊ ڪن ٿا، لائلٽي پروگرام پوائنٽون گڏ ڪن ٿا، ادائگيون ۽ رقم منتقلي ڪن ٿا ۽ خيرات به ڏين ٿا، پر انهيءَ سهولت سائبر خطرن کي به جنم ورتو آهي.
ڪيپرسڪي جا ماهر چون ٿا ته ڪيوآر ڪوڊ اسڪين ڪرڻ دوران ڪيترائي خطرناڪ پهلو سامهون اچن ٿا.
ڪيو آر ڪوڊ واهپيدارن کي اهڙين جعلي ويب سائيٽن ڏانهن وٺي وڃن ٿا، جيڪي خاص طور تي ذاتي ۽ مالي ڄاڻ چوري ڪرڻ لاءِ تيار ڪيون ويون هونديون آهن، جيڪي پاسورڊ يا ڪريڊٽ ڪارڊ نمبر وغيرا چوري ڪري سگهن ٿيون.
هيڪر ويب سائيٽن جهڙوڪ بئنڪ يا اسٽريمنگ سروسز جو نقلي روپ اختيار ڪن ٿا ته جيئن ماڻهو پنهنجا لاگ ان تفصيل پاڻ داخل ڪن.
ڪجهه ڪيوآر ڪوڊ اهڙيون هاڃيڪار ايپس ڊائونلوڊ ڪرائين ٿا جيڪي واهپيدار جي ڊوائيس کي نقصان پهچائين ٿيون.
خاص ڪري موڪلن يا سيل جي ڏينهن دوران جعلي ڪيوآر ڪوڊ صارفين کي اهڙن واءِ فاءِ نيٽ ورڪن سان ڳنڍي سگهن ٿا جيڪي هيڪرز جي ڪنٽرول ۾ هوندا آهن، جنهن سان سندن ڊيٽا چوري ٿيڻ جا امڪان وڌن ٿا.
ڪيپرسڪي ۾ ميٽا ريجن لاءِ واهپيدارن جي سيلز جي سربراهه سيف الله جديدي جو چوڻ آهي ته ڪيوآر ڪوڊ روزمره جي زندگيءَ جو حصو بڻجي ويا آهن ۽ هي هيڪرز لاءِ آسان موقعا پيدا ڪن ٿا، جيئن رسيدون يا فلائرز وغيره،جن تي ڪوڊ لڳل هوندا آهن انهن مان فائدو وٺڻ جا اڻ ڳڻيا طريقا موجود آهن.
ماهرن جو مشورو ڏنو آهي ته ڪيوآر ڪوڊ رڳو اهڙن ذريعن وٽان اسڪين ڪيا وڃن جيڪي اعتماد جوڳا ۽ تصديق ٿيل هجن، عوامي هنڌن تي ڪوڊ اسڪين ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن ضروري هجي ته به پهريان چيڪ ڪريو ته توهان کي جنهن لنڪ تي وٺي پيو وڃي،اِها صحيح ۽ اصل آهي يا نه؟
جيڪڏهن ڪنهن ڪوڊ تي مڪمل ڀروسو نه هجي ته ذاتي معلومات قطعي نه ڏيو.
پنهنجي سڀني ڊوائيسن تي اهڙو سائبر سيڪيورٽي حل انسٽال ڪيو جيڪو اينٽي فشنگ ۽ اينٽي فراڊ تحفظ ڏئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔