ڪابل : پاڪستان، افغانستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ ريلوي معاهدو طئي ٿي ويو، ٽنهي ملڪن ڪابل ۾ يو اي پي ريلوي منصوبي تي فزيبلٽي اسٽڊي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار اڄ هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ڪابل پهتو، جتي افغان نائب پرڏيهي وزير محمد نعيم وردگ ۽ افغانستان ۾ پاڪستان جي سفير عبدالرحمان نظاماڻي سندس آجيان ڪئي.
ان موقعي تي ريلوي وارو وزير حنيف عباسي، پاڪستان جو افغانستان بابت خاص نمائندو صادق خان ۽ ريلوي کاتي جو سيڪريٽري مظهر علي شاهه به موجود هئا.
افغانستان پهچڻ کانپوءِ اسحاق ڊار جي عبوري افغان پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ ڌرين ٻه طرفي لاڳاپن جي تسلسل تي زور ڏيندي، واپار، ٽرانزٽ ۽ سيڪيورٽي ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.
ملاقات ۾ پاڪستان، افغانستان ۽ ازبڪستان اي اي پي ريلوي منصوبي جي فزيبلٽي اسٽڊي معاهدي تي صحيحون ڪيون.
يو اي پي منصوبو ازبڪستان، افغانستان ۽ پاڪستان کي ريلوي لنڪ سان جوڙڻ لاءِ آهي، جيڪو وچ ايشيائي رياستن کي پاڪستاني بندرگاهن تائين پهچ ڏيندو.

پچھلی پوسٹ