وزيراعظم شهباز شريف ديامر،ڀاشا ڊيم منصوبا جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ديامر ڀاشا ڊيم منصوبي ۾ ايندڙ رنڊڪن کي ختم ڪري منصوبي کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ديامر ڀاشا ڊيم ۽ ٻين آبي وسيلن تي اجلاس ٿيو جنهن دوران وزيراعظم ديامرڀاشا ڊيم جهڙي منصوبن کي اوليت جي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي.

وزيراعظم شهباز شريف توانائي جي پيداوار ۽ پاڻي جي ذخيري جو موثر نظام بنائڻ جي لاءِ اهڙن منصبن کي ترجيح ڏيڻ ۽ ديامر ڀاشا ڊيم جي تعمير ۾ ايندڙ رنڊڪن کي فوري ختم ڪري منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي شهباز شريف چيو ته پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش وڌائڻ، زراعت جي لاءِ پاڻي جي فراهمي ۽ ٻوڏ جي پاڻي جي روڪٿام جي لاءِ ڊيمز ضرور بنائڻ گهرجن.

شهباز شريف وڌيڪ چيو ته اسان جي معاشي خودانحصاري جو دارومدار سستي بجلي ۽ زراعت تي آهي، پاڻي جي اسٽوريج وڌائڻ ۽ پاڻي جي موثر استعمال جي ضرورت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔